افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن: چين - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, August 2, 2020

افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن: چين


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چين افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري ڪري رهيو آهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ پاڪستان ۾ مقرر چيني سفير يائو جنگ، جيڪو ان کان اڳ افغانستان ۾ به چين جو سفير رهي چڪو آهي، چيو ته پاڪستان علائقائي ڪنيڪٽوٽي ۽ معاشي سرگرمين جو ڳڙهه بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، چين جي خواهش آهي ته ان صلاحيت کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ گوادر کان قنڌار ۽ قنڌار رستي وچ ايشيا تائين ريلوي لائن ٺهي، جيڪا واپار ۽ علائقائي ڪنيڪوٽي جو اهم ذريعو هوندي.

هن چيو ته مان افغانستان ۾ خدمتون انجام ڏيڻ سبب افغان اڳواڻن جي سوچ کان چڱي ريت واقف آهيان ۽ افغان ليڊر به علائقائي ڪنيڪٽوٽي کي يقيني بڻائڻ خاطر موٽر وي سان گڏوگڏ پاڪستان سان ريلوي لنڪ ۾ به دلچسپي رکن ٿا.

The post افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن: چين appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages