

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا پر ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زوب ضلعي ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 3 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جي اونهائي زمين اندر 10 ڪلو ميٽر ۽ مرڪز زوب کان 52 ڪلو ميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ هو.
ضلعي انتظاميا موجب زلزلي سان ڪو جاني نقصان نه ٿيو.
واضح رهي ته زوب ۾ گذريل ڏينهن به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.
The post بلوچستان جي ضلعي زوب ۾ زلزلي جا لوڏا appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment