

ڊي جي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيري غازي خان ۾ 7 ورهين جي گهريلو ملازمه تي مالڪ طرفان وحشياڻو تشدد ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب سمينا ڳوٺ ۾ ٻارڙي تي تشدد جي ويڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ پوليس متاثر ٻارڙيءَ جي وارثن سان رابطو ڪيو ۽ امداد لاءِ ڇوڪري کي اسپتال پهچايو.
پوليس اختيارين جو چوڻ هو ته ٻارڙي جي وارثن کان ملندڙ ڄاڻ جي بنياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، متاثر ڇوڪري ڪليم الله نامي شخص جي گهر ۾ ڪم ڪندي هئي، جنهن ٻارڙي تي لوهه جي راڊ ۽ ڏنڊي سان تشدد ڪيو پر تشدد جو سبب معلوم ناهي ٿي سگهيو.
پوليس موجب جوابدار فرار آهي، جنهن جي ڳولا لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
The post ڊي جي خان ۾ مالڪ جو گهر ۾ ڪم ڪندڙ ٻارڙيءَ تي وحشياڻو تشدد appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment