

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چڙيا گهر ۾ شينهن ۽ شينهڻ سميت ٻيا جانور مرڻ بابت ڪيس ۾ وفاقي حڪومت تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪي جانورن جو خيال نٿا رکي سگهن، اهي انسانن جو ڪهڙو خيال رکندا؟
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ مرغزار چڙيا گهر مان جانورن جي منتقلي دوران شينهن ۽ شينهڻ سميت ٻيا جانور مرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چڙيا گهر مان شينهن کي لاهور منقتل ڪيو پئي ويو ته اهو مري ويو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اها سڀ وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ جي نااهلي آهي، عدالت فيصلي ۾ اڳ ئي لکي ڇڏيو هو ته جانورن کي ڪجهه ٿيو ته ڪير ذميوار هوندو، عدالت کي احساس هو ته ائين ٿيندو.
جسٽس اطهر من الله حڪومتي نمائندن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان چڙيا گهر بابت هن عدالت جو فيصلو پڙهيو آهي؟
چيف جسٽس ڊپٽي اٽارني جنرل طيب شاهه کي چڙيا گهر بابت فيصلو پڙهڻ جي هدايت ڪئي.
پوءِ چيف جسٽس سوال ڪيو ته ماحولياتي تبديلي واري وزارت طرفان ڪير آيو آهي؟ ماحولياتي تبديلي جي وزير زرتاج گل آهي، وفاقي حڪومت به نوٽيفڪيشن ڏنو هو ته بورڊ ۾ ڪير هوندو پر ڪير نظر نه آيو، ڇو نه انهن سڀني ميمبرن خلاف توهين عدالت ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته انهن سڀني ميمبرن عدالت جي فيصلي جي توهين ڪئي، ڇا انهن سڀني ميمبرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي؟
جسٽس اطهر من الله ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ماحولياتي تبديلي واري وزارت، ايم سي آءِ ۽ سي ڊي اي سڀ سياست ڪري رهيا آهن، سڀ ڪريڊٽ وٺڻ لاءِ تيار آهن پر ڪير به ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه هو.
هن ريمارڪس ڏنا ته جيڪي جانورن جو خيال نٿا رکي سگهي، اهي انسانن جو ڪهڙو خيال رکندا؟ وفاقي حڪومت ان عمل سان بي نقاب ٿي آهي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته چڙيا گهر ۾ جانور مرڻ جي انڪوائري ڪير ڪري رهيو آهي؟ جن جي نااهلي سان جانور مُئا، ڇا اهي انڪوائري به ڪري رهيا آهن؟
پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ جي چيئرمين کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
گڏوگڏ عدالت ڪارروائي لاءِ وائلڊ لائف مئنيجمينٽ بورڊ ۽ ٻين عهديدارن جا نالا به طلب ڪيا آهن.
The post جيڪي جانورن جو خيال نٿا رکي سگهن، اهي انسانن جو ڪهڙو خيال رکندا؟ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment