هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني مهانگائي ۾ وڏي پئماني تي واڌ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني مهانگائي ۾ وڏي پئماني تي واڌ


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني مهانگائي ۾ وڏي پئماني تي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.

شماريات اداري موجب جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ ۾ مهانگائي ۾ 2.50 سيڪڙو واڌ ٿي، جنهن کانپوءِ جولاءِ ۾ مهانگائي جي شرح 9.3 سيڪڙو تائين پهچي وئي.

شماريات اداري ٻڌايو آهي ته جولاءِ ۾ ماهنوار بنياد تي سبزيون 23.8 سيڪڙو مهانگيون ٿيون، جن مان ٽماٽو شهري علائقن ۾ 179 سيڪڙو، جڏهن ته بصر 16.6 سيڪڙو مهانگو ٿيو.

اهڙي ريت جولاءِ ۾ ماهنوار بنياد تي بيضو 10.8، مصالحه 7.5 سيڪڙو، پٽاٽو 4.5 سيڪڙو، گوشت 3.9 ۽ کنڊ 3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي.

شماريات اداري موجب جولاءِ ۾ ماهوار بنياد تي موٽر فيول 27 سيڪڙو مهانگي ٿي، جڏهن ته سالياني بنياد تي ڏٺو وڃي ته جولاءِ ۾ شهري علائقن ۾ ٽماٽو 100 سيڪڙو، پٽاٽو 63 سيڪڙو، مڱن جي دال 46.25 سيڪڙو، بيضو 43.11 سيڪڙو، ڪڪڙ جو گوشت 36.69 سيڪڙو مهانگو ٿيو.

جولاءِ ۾ سالياني بنياد تي کنڊ 17 سيڪڙو مهانگي ٿي، جڏهن ته ڪڻڪ 28.52 سيڪڙو ۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو.

شماريات اداري واضح ڪيو آهي ته جون 2020 ۾ مهانگائي جي شرح 8.6 سيڪڙو هئي، جڏهن ته گذريل سال جولاءِ ۾ مهانگائي جي شرح 8.4 سيڪڙو هئي.

The post هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني مهانگائي ۾ وڏي پئماني تي واڌ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages