مهرين سيد پنهنجي سالگرهه قرنطينه ۾ ملهائي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

مهرين سيد پنهنجي سالگرهه قرنطينه ۾ ملهائي


 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي ماڊل ۽ اداڪارا مهرين سيد پنهنجو 38هون جنم ڏينهن قرنطينه ۾ ملهايو.

2 آگسٽ 1982 ۾ ڄمندڙ مهرين سيد پنهنجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيندي هڪ خوبصورت ويڊيو سوشل ميڊيا تي جاري ڪئي ۽ لکيو ته ”اميد ڪيان ٿي زندگي ۾ پهريون ۽ آخري ڀيرو قرنطينه ۾ سالگرهه ملهائي رهي آهيان“.

مهرين ويڊيو ۾ آن لائن شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي لکيو ته ”توهان سڀني جي مهرباني، جن منهنجي سالگرهه ۾ آن لائن شرڪت ڪئي“.

ناليواري اداڪارا ڪبريٰ خان، ماڊل صدف ڪنول ۽ ٻين شوبز شخصيتن مهرين سيد کي جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏيندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

The post مهرين سيد پنهنجي سالگرهه قرنطينه ۾ ملهائي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages