

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سان افغانستان جي صدر اشرف غني ٽيليفونڪ رابطو ڪيو آهي.
ٽيليفونڪ رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن هڪٻئي کي عيد الاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون.
ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته هن سال عيد الاضحيٰ اهڙي موقعي تي آئي، جڏهن دنيا ڪورونا سميت ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي.
هن عالمي وبا سبب افغانستان ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو.
عمران خان ۽ اشرف غني وچ ۾ افغان امن عمل تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي ۽ عمران خان افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي اجاڳر ڪيو.
وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ امن خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، اميد ته بين الافغان ڳالهين جي شروعات جلد ٿيندي.
The post وزيراعظم عمران خان سان افغان صدر اشرف غني جو ٽيليفونڪ رابطو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment