

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي جي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي حڪومت کان 4 هفتن ۾ جواب گهري ورتو.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ تي وفاقي حڪومت کان 4 هفتن ۾ جواب طلب ڪيو ۽ آرمي پبلڪ اسڪول سانحي جي ڪميشن رپورٽ اٽارني جنرل کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
سپريم ڪورٽ اٽارني جنرل کي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي هدايتون وٺي عدالت کي آگاهه ڪيو.
سانحي ۾ شهيدن جا وارث به عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ چيو ته عدالت کان درخواست آهي ته اسان کي انصاف ڏنو وڃي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان سان جيڪو ٿيو، ڏاڍو غلط ٿيو، اهو ڪنهن به صورت ۾ نه ٿيڻ گهرجي ها، مون کي توهان سان بي انتها همدردي آهي.
هن چيو ته عدليه توهان جي محافظ آهي ۽ جيڪي حقيقتون رپورٽ ۾ آيون آهن، انهن تي فيصلو عدالت کي ئي ڪرڻو آهي، اي پي ايس سانحي جي ذميوارن کي نه ڇڏينداسين.
جسٽس گلزار احمد شهيدن جي وارثن کان سوال ڪيو ته توهان کي انصاف ۾ ڇا گهرجي؟ جنهن تي والدين چيو اسان کي رپورٽ جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي.
چيف جسٽس چيو اها ڳجهي رپورٽ آهي، جيڪا هاڻ اسان اٽارني جنرل کي فراهم ڪري رهيا آهيون، الله خير ڪري، سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون موجب ڳالهائيندي، ڪميشن اسان ٺاهي، ان کي منطقي انجام تائين پهچائينداسين.
پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته 2018 ۾ ان وقت جي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار پشاور جي دوري دوران اي پي ايس سانحي ۾ شهيدن جي وارثن سان ملاقات دوران واقعي جو نوٽيس ورتو هو ۽ 5 آڪٽوبر تي ڪيس جي ٻڌڻي دوران هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جي سربراهي ۾ ڪيس جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي، جنهن کي 6 هفتن ۾ پنهنجي رپورٽ عدالت عظميٰ ۾ جمع ڪرائڻي هئي.
ياد رهي ته 16 ڊسمبر 2014 ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي دهشتگردن جي حملي ۾ 150 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿي ويون هيون، جن ۾ وڏو انگ معصوم ٻارن جو هو.
The post ”اي پي ايس سانحي جي ذميوارن کي نه ڇڏينداسين“ appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment