سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير معاملي تي گڏيل موقف ٿيون رکن: شاهه محمود قريشي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, August 4, 2020

سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير معاملي تي گڏيل موقف ٿيون رکن: شاهه محمود قريشي


اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته پاڪستان اُن وقت تائين پنهنجي ڪشميري ڀائرن جي حمايت جاري رکندو جيستائين هنن کي سندن جائز حق ۽ حق خوداراديت نٿو ملي.

پرڏيهي وزارت ۾ ڪشمير جي صورتحال تي ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس جي صدارت ڪندي سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سڄي قوم، سموريون سياسي پارٽيون، سياسي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير جي معاملي تي گڏيل موقف رکي ٿي.

پرڏيهي وزير سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي ڀارت جي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري غير قانوني قدمن، انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان مفصل بريفنگ ڏني.

شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ڪشميري گذريل سال 5  آگسٽ تي ڀارت طرفان غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل غير آئيني ۽ هڪطرفي قدمن کي گڏيل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي حڪومت جي هندوتوا پاليسي نه رڳو ڪشميرين پر سڄي خطي جي امن و امان جي لاءِ خطري جو سبب آهي، ڀارت، والاريل ڪشمير ۾ ڊوميسائل قانون ۾ تبديلي ڪري آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو عالمي قانون جي خلاف آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته اڄ پاڪستان جون سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير مسئلي تي گڏ آهن.

هن چيو ته آر ايس ايس جي سوچ تي گامزن بي جي پي جي سرڪار پنهنجي هندوتوا سوچ جي سبب نه رڳو ڪشميرين پر ڀارت اندر وسندڙ اقليتن جي دلين ۾ نفرت جا ٻج پوکيا، ڀارت جبر قيد جي اذيتن باوجود هٿين خالي ڪشميرين جا حوصلا ٽوڙي نٿو سگهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته اڄ سڄي دنيا جي سامجون ڀارتي حڪومت جو اصل چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي، اڄ دنيا ڀارت جي منافرت پسند پاليسين کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي.

ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي، سڌُ سماءَ واري وزير سينيٽر شبلي فراز، قانون واري وفاقي وزير بيرسٽر فروغ نسيم، ڪشمير معاملن بابت وزير علي امين گنڊاپور، چيئرمين ڪشمير ڪميٽي شهريار آفريدي، پارلياماني معاملن بابت مملڪتي وزير علي محمد خان، قومي سلامتي بابت خاص مددگار معيد يوسف، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، سينيٽر مشاهد حسين سيد، فرخ حبيب، سينيٽر راجا ظفر الحق، راجا پرويز اشرف، سيد نويد قمر، سينيٽر شيري رحمان، سينيٽر مشتاق احمد، مولانا عبدالاڪبر چترالي، ايمل ولي خان، سينيٽر ستاره اياز، سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ، سينيٽر مرتضيٰ جاويد عباسي، خواجا آصف ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

5 آگسٽ بابت اهم اجلاس:

بعد ۾ پرڏيهي وزارت جي صدارت هيٺ پرڏيهي وزارت ۾ هڪ ٻيو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي سلامتي واري خاص مددگار معيد يوسف، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، سڌُ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري اڪبر حسين دراني ۽ اعليٰ عسڪري اختيارين شرڪت ڪئي.

پرڏيهي وزير پنهنجي لائن آف ڪنٽرول جي دوري (ايل او سي) چري ڪوٽ سيڪٽر ۽ مظفر آباد جي حوالي سان اجلاس جي شرڪت ڪندڙڻ کي آگاهه ڪيو.

پرڏيهي وزير آزاد ڪشمير جي وزير اعظم راجا فاروق حيدر ۽ آزاد ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان سميت ڪشمير جي سياسي قيادت سان ٿيل ملاقاتن جو به ذڪر ڪيو.

سندس چوڻ هو ته لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج هٿين خالي ۽ معصوم شهرين کي گولين جو نشانو بڻائي رهي آهي.

The post سموريون سياسي پارٽيون ڪشمير معاملي تي گڏيل موقف ٿيون رکن: شاهه محمود قريشي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages