انڊين پريميئر ليگ ڀارت بدران ٻئي ملڪ ۾ ٿيندي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

انڊين پريميئر ليگ ڀارت بدران ٻئي ملڪ ۾ ٿيندي


نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ هلندڙ سال 19 سيپٽمبر کان 10 نومبر تائين گڏيل عرب امارتن ۾ کيڏي ويندي.

آءِ پي ايل جي گورننگ ڪائونسل انهن تاريخن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

 آچر ڏينهن ٽيلي ڪانفرنسنگ تي ٿيل هڪ اجلاس ۾ وينيوز جي حوالي سان به حتمي فيصلو ڪيو ويو ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جون سموريون 53 ميچون دبئي ۾ ٿينديون.

واضح رهي ته اها ٽورنامينٽ 31 مارچ کان شروع ٿيڻي هئي پر ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب ان کي ملتوي ڪيو ويو هو.

انڊين پريميئر ليگ جي ايندڙ ايڊيشن دوران احتياطي ضابطن جو به خيال رکيو ويندو.

The post انڊين پريميئر ليگ ڀارت بدران ٻئي ملڪ ۾ ٿيندي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages