

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 4 مهينن کان پوءِ بينڪن جو معمول موجب وقت بحال ٿي ويو.
اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ بينڪن جي معمول موجب وقت اڄ کان بحال ٿي ويو آهي. هاڻ سموريون سرڪاري ۽ خانگي بينڪون سومر کان خميس تائين صبح جو 9:30 کان شام جو 5:30 وڳي تائين خدمتون فراهم ڪنديون، 1:30 کان 2:15 دوران ظهر جي نماز ۽ لنچ ٽائيم هوندو.
اسٽيٽ بينڪ جي ترجمان موجب جمعي جي ڏينهن بينڪون صبح جو 9 وڳي کان شام جو 6 وڳي تائين کليل رهنديون جڏهن ته منجهند جو هڪ وڳي کان اڍائي وڳي تائين جمعي جي نماز ۽ لنچ جو وقفو هوندو.
The post ملڪ ۾ بينڪن جو پراڻو وقت بحال appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment