پاڪستان جو برطانيا کان شهباز شريف جي ناٺي علي عمران جي حوالگي جو مطالبو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

پاڪستان جو برطانيا کان شهباز شريف جي ناٺي علي عمران جي حوالگي جو مطالبو


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان برطانيا کان شهباز شريف جي ناٺي علي عمران جي حوالگي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پاڪستاني حڪومت طرفان برطانوي گهرو وزارت جي سينٽرل اٿارٽي انٽرنيشنل ڪرمنلٽي يونٽ کي خط لکي ن ليگ صدر ۽ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي ناٺي علي عمران جي حوالگي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڪرپشن الزامن ۾ نيب کي گهربل علي عمران هن وقت برطانيا ۾ آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ برطانيا ۾ گهربل جوابدارن جي حوالگي جو ڪو معاهدو ناهي.

برطانوي اختيارين کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي حوالگي جي معاهدي بنا گڏيل سهڪار جي بنياد تي علي عمران کي پاڪستان حوالي ڪيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته برطانوي حڪومت مناسب وقت تي پاڪستان جي درخواست جو جائزو وٺندي.

واضح رهي ته ڊيلي ميل پنهنجي آرٽيڪل ۾ علي عمران ۽ ارٿ ڪوئڪ رليف اينڊ ري ڪنسٽرڪشن اٿارٽي (ايرا) جي اڪرام نويد تي ڪرپشن جا الزام هنيا هئا، جنهن تي علي عمران ڊيلي ميل خلاف تڪراري آرٽيڪل تي 3 هفتا اڳ لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرايو هو.

The post پاڪستان جو برطانيا کان شهباز شريف جي ناٺي علي عمران جي حوالگي جو مطالبو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages