ڪلڀوشن جو وڪيل ڪرڻ لاءِ ڀارت کي هڪ ٻي آڇ جو حڪم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, August 3, 2020

ڪلڀوشن جو وڪيل ڪرڻ لاءِ ڀارت کي هڪ ٻي آڇ جو حڪم


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل مقرر ڪرڻ لاءِ ڀارت کي وري آڇ ڪئي وڃي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪلڀوشن ياديو بابت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل لاءِ حڪومت جي ڪلڀوشن جو وڪيل مقرر ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته هاڻ اهو معاملو هاءِ ڪورٽ ۾ آهي ته ڇو ته ڀارت کي هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي.

عدالت ڀارت کي ڪلڀوشن ياديو جو وڪيل ڪرڻ جي آڇ ڪرڻ جو حڪم ڏنيدي چيو ته ٿي سگهي ٿو ڀارتي حڪومت يا ڪلڀوشن پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪري.

ان موقعي تي اٽارني جنرل چيو ته ڀارت انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي کان ڀڄي رهيو آهي، اسان آرڊيننس جاري ڪري سزا خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي، پرڏيهي وزارت ذريعي ٻيهر ڀارت سان رابطو ڪيو وڃي.

عدالت ڪلڀوشن لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

The post ڪلڀوشن جو وڪيل ڪرڻ لاءِ ڀارت کي هڪ ٻي آڇ جو حڪم appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages