

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اميتاڀ بچن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي.
77 ورهين جو اميتاڀ بچن 11 جولاءِ تي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ هاڪاري اچڻ کانپوءِ ممبئي جي ناناوتي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
ميگا اسٽار جي 23 ڏينهن کانپوءِ ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي آهي، جنهن کانپوءِ کيس اسپتال کان گهر نيو ويو آهي.
اميتاڀ بچن ٽوئيٽ ذريعي مداحن کي صحتيابيءَ جي خوشخبري ٻڌائي ۽ گڏوگڏ هن طبي عملي جا پڻ ٿورا مڃيا.
واضح رهي ته بچن خاندان مان رڳو اداڪارا جيا بچن جي ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آئي هئي، ايشوريا راءِ ۽ سندس ڌيءُ اراڌيا بچن به ڪورونا وائرس مان صحتياب ٿي ويون آهن پر اڀيشيڪ بچن اڃا تائين اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.
The post اميتاڀ بچن به ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي ڇڏي، گهر منتقل appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment