

نارووال (ويب ڊيسڪ) ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت کي والاريل ڪشمير جي صورتحال تي لفظي نه پر عملي قدم کڻڻا پوندا.
نارووال ۾ شهيد سپاهي محمد توصيف جي رهائشگاهه تي صحافين سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي حڪومت بنا دير او آءِ سي اجلاس گهرائي، رڳو سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ٺاهي سرينگر نه پهچنداسين، ان لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا.
The post والاريل ڪشمير لاءِ حڪومت کي عملي قدم کڻڻا پوندا: احسن اقبال appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment