

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) موٽر وي سانحي جهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪومت نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي ايم ڊليوري يونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائن لاءِ الڳ نظام جوڙيو ويندو ۽ ڪنهن به ايمرجنسي صورتحال ۾ سڄي ملڪ لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لائن نمبر هوندو.
وزيراعظم نيشنل هيلپ لائن ٽول فري نمبر قائم ڪرڻ لاءِ ٻن مهينن جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم آفيس جو چوڻ آهي ته ملڪ جي سمورن ايمرجنسي هيلپ لائن نمبرن کي نئين نظام سان جوڙيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ ملڪ جي سمورين موبائل ڪمپنين کان مدد ورتي ورتي.
پي ايم آفيس موجب نظام کي اثرائتو ۽ مستحڪم بڻائڻ لاءِ قانون سازي ڪئي ويندي ۽ قانون سازي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.
The post حڪومت جو موٽر وي جهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ وڏو فيصلو appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment