اي پي سي سانحي ۾ شهيد ٻارن جي وارثن ڪميشن رپورٽ رد ڪري ڇڏي - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, September 30, 2020

اي پي سي سانحي ۾ شهيد ٻارن جي وارثن ڪميشن رپورٽ رد ڪري ڇڏي


پشاور(ويب ڊيسڪ) آرمي پبلڪ اسڪول سانحي پشاور جي شهيدن جي والدين جوڊيشل ڪميشن جي جاچ مان سخت مايوسي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي.

پريزائيڊنگ چيف جسٽس جي حڪم تي تازو ئي ڊي ڪلاسيفائي ٿيل ڪميشن رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته انڪوائري رپورٽ ۾ اهڙيون کوڙ شيون ڇڏيون ويون آهن. جن کي شامل ڪرڻ گهرجي ها.

شهيدن جي والدين رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته 3 هزار صفحن جي دستاويز ۾ 132 ڄڻن جا بيان شامل آهن. کين اميد هئي ته جاچ سان گهڻو ڪجهه سامهون اچي ويندو.

شهيدن جي هڪ متاثر مائٽ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته انهن ماڻهن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي جيڪي سيڪيورٽي ۽ انٽيليجنس جا انچارج هئا اُهي نه جيڪي دروازن تي مقرر هيا. سيڪيورٽي ۾ ڪوتاهي جي زميوارن خلاف فيصلو اچڻ گهرجي ها. اهڙي سزا جي اميد نه هئي.

The post اي پي سي سانحي ۾ شهيد ٻارن جي وارثن ڪميشن رپورٽ رد ڪري ڇڏي appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages