

ڪاري لوڻ جي استعمال جا ڪيترائي فائدا آهن جن مان گھڻا ماڻهو اڻ واقف آهن ۽ ان کي استعمال نٿا ڪن، ڪارو لوڻ وزن ۾ گھٽتائي کان وٺي دل جي مرضن تائين فائديمند آهي.
طبي ماهرن موجب ڪارو لوڻ پروسيسڊ لوڻ کان وڌيڪ فائديمند ثابت ٿيو آهي، ان ۾ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج آهي جڏهن ته ان جي استعمال سان دل جي صحت، وزن ۾ گھٽتائي، جوڙن جي سور ۾ آرام، سوڄ ۾ گھٽتائي ۽ ٻين ڪيترن ئي مرضن لاءِ فائديمند آهي.
ڪاري لوڻ کي مختلف غذائن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو جهڙوڪ سلاد، ڏهي، ميون، دالين جي سوپ وغيره ۾، ڪاري لوڻ جي استعمال سان بلڊ پريشر به ڪنٽرول ۾ رهي ٿو.
ڪاري لوڻ ۾ سوڊيم جو مقدار به گهٽ هجي ٿو جڏهن ته گھرن ۾ استعمال ٿيندڙ رفائن لوڻ ۾ سوڊيم جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي جنهن سبب انسان صحت بابت شڪايتون ڪندو آهي.
The post ڪاري لوڻ جا صحت تي پوندڙ هاڪاري اثر appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment