شاديءَ جي 20هين سالگرهه تي شاهد آفريدي جو گهرواريءَ لاءِ خاص پيغام - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, October 21, 2020

شاديءَ جي 20هين سالگرهه تي شاهد آفريدي جو گهرواريءَ لاءِ خاص پيغام


ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي شادي کي 20 سال مڪمل ٿي ويا، ان حوالي سان هن پنهنجي گهرواري لاءِ خاص پيغام جاري ڪيو آهي.

اڳوڻي آل رائونڊر ٽوئيٽر تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هن لکيو ته ”اڄ اسان جي شادي شده زندگي جا 20 سال مڪمل ٿي ويا آهن، الحمدالله مون کي ڏاڍو خيال ڪندڙ، سمجهڻ واري ۽ اسان جي ٻارن جي بهترين ماءُ ثابت ٿيندڙ گهرواري ملي، جنهن تي شڪرگذار آهيان“.

هن وڌيڪ لکيو ته ”اڄ مان شادي جي سالگرهه وساري ويٺس، ان باوجود هن مون کي معاف ڪيو ۽ اها سندس بهترين عادتن مان هڪ آهي.

شاهد آفريدي پنهنجي گهرواري ناديا آفريدي کي شادي جا 20 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪون ڏيندي ان سان گڏ ڪجهه تصويرون به شيئر ڪيون.

اڳوڻي ڪرڪيٽر جي پوسٽ تي سندس گهرواري ناديا جواب ڏيندي چيو ته ”وقت گذرڻ سان گڏ توهان کي ڳالهيون ياد ڏيارڻيون پونديون آهن، الحمدالله مون کي خوشي آهي ته توهان هڪ سٺا همسفر ۽ بهترين دوست آهيو، اهڙو شخص جيڪو مجموعي طور حيرت انگيز انسان آهي، شادي جي سالگرهه مبارڪ!“

The post شاديءَ جي 20هين سالگرهه تي شاهد آفريدي جو گهرواريءَ لاءِ خاص پيغام appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages