وزيراعظم جو مهانگائيءَ خلاف ڪارروائي جو اعلان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 10, 2020

وزيراعظم جو مهانگائيءَ خلاف ڪارروائي جو اعلان


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان سومر کان مهانگائي خلاف ڪارروائي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي بيان ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته سومر کان شروع ٿيندڙ ايندڙ هفتي کاڌي پيتي جون شيون سستيون ڪرڻ لاءِ سمورا رياستي وسيلا استعمال ڪيا ويندا، اسان اڳ ئي مهانگائي جي عمل جو جائزو وٺندي پتو لڳائي رهيا آهيون ته ڇا پهچ ۾ واقعي کوٽ آهي يا وري مافيا طرفان ذخيري اندوزي، سمگلنگ وغيرا ان جو سبب آهي يا عالمي منڊي ۾ وڌندڙ قيمتون ان جو ڪارڻ آهن.

هن چيو ته بهرحال ايندڙ هفتي کان اسان پنهنجي حڪمت عملي لاڳو ڪنداسين ۽ ادارن سميت سمورا رياستي وسيلا استعمال ڪندي کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ قدمن جي شروعات ڪنداسين.

The post وزيراعظم جو مهانگائيءَ خلاف ڪارروائي جو اعلان appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages