اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ناصر جمشيد ضمانت تي آزاد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 29, 2020

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ناصر جمشيد ضمانت تي آزاد


لنڊن (ويب ڊيسڪ) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث ڪرڪيٽر ناصر جمشيد ضمانت تي آزاد ٿي ويو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب مانچيسٽر جي ڪرائون ڪورٽ ناصر جمشيد طرفان داخل ڪرايل ضمانت تي آزادي جي درخواست ،منظور  ڪئي.

عدالت ناصر جمشيد کي ڊي پورٽ ناهي ڪيو يعني پاڪستاني ڪرڪيٽر انگلينڊ ۾ رهي ڪري ئي پنهنجي بيدخلي جو ڪيس وڙهي سگھي ٿو.

واضح رهي ته ناصر جمشيد کي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث هجڻ تي هلندڙ سال فيبروري ۾ 17 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ هو پنهنجي اڌ سزا مڪمل ڪري چڪو آهي.

ناصر جمشيد جي گھرواري برطانوي شهرڻ آهي ۽ ڪرڪيٽر هن وقت برطانيا ۾ اسپائوز ويزا تي موجود آهي، برطانوي قانونن موجب جيڪڏهن ڪنهن غير برطانوي شهري کي 12 مهينا قيد جي ٿي وڃي ته ان کي ڊي پورٽ ڪيو ويندو آهي.

The post اسپاٽ فڪسنگ ڪيس: ناصر جمشيد ضمانت تي آزاد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages