رياست سان ويڙهه جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا: شيخ رشيد - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 31, 2020

رياست سان ويڙهه جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا: شيخ رشيد


 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اڍائي سالن ۾ اياز صادق کي ڳالهائيندي ناهي ڏٺو ۽ هاڻ نواز شريف ۽ مريم نواز جي اشاري تي ٿي رهيو آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ن ليگ طرفان جيڪو ڪجهه به چيو پيو وڃي اها پرڏيهي ايجنڊا آهي، اسان کي ملڪ اڳتي کڻي هلڻو آهي، جيڪڏهن سياست سان ويڙهه ڪرڻي اٿوَ ته عمران خان ميدان ۾ آهي، سياست سان ويڙهه توهان جو حق آهي پر رياست سان ويڙهه توهان جو حق ناهي.

هن چيو ائين نه ٿئي جو ڏڦيڙ سان سياسي قوتن کي نقصان کڻڻو پئي، رياست سان ويڙهه جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، سمجهه ۾ نٿو اچي ته نواز شريف اياز صادق کي ڇو ميدان تي لاٿو، اڍائي سالن ۾ اياز صادق کي ڳالهائيندي ناهي ڏٺو، سڀ ڪجهه نواز شريف ۽ مريم جي اشاري تي ٿي رهيو آهي، اياز صادق جي بيان تي پاڪستان دشمن خوش ٿي رهيا آهن، سڄي ن ليگ نه پئي ڳالهائي، رڳو اهي ڳالهائي رهيا آهن جن تي ڪيس آهن.

The post رياست سان ويڙهه جا نتيجا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا: شيخ رشيد appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages