حڪومت نئين بل ذريعي سي پيڪ چيئرمين کي ڇوٽ ڏيڻ چاهي ٿي: رضا رباني - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, October 29, 2020

حڪومت نئين بل ذريعي سي پيڪ چيئرمين کي ڇوٽ ڏيڻ چاهي ٿي: رضا رباني


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته سي پيڪ آرڊيننس ختم ٿي چڪو، اٿارٽي قانون کانسواءِ ڪم ڪري رهي آهي.

سينيٽ ۾ ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي خيالن جو اظهار ڪندي رضا رباني چيو ته سي پيڪ آرڊيننس جون ۾ ختم ٿي چڪو آهي، حڪومت سي پيڪ آرڊيننس کي ڄاڻي واڻي ختم ٿيڻ ڏنو، ڇو ته ان کي پٺ تي رکڻ چاهي ٿي.

هن چيو ته هاڻ حڪومت هڪ نئون بل آندو آهي، جنهن تحت سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي ڇوٽ ڏني پئي وڃي، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته سڀني ادارن تي نيب قانون لاڳو ٿئي ۽ هڪ اداري کي ڇوٽ هجي، ڇا اها هڪ شخص کي اين آر او ڏيڻ جي ڪوشش آهي؟

وفاقي وزير ۽ سينيٽر شبلي فراز پ پ سينيٽر جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس کي سي پيڪ تي شڪ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.

هن چيو ته گذريل حڪومت سي پيڪ کي ذاتي پراجيڪٽ بڻائي ڇڏيو هو، اسان ادارا ٺاهڻ آيا آهيون، سي پيڪ کي غير سياسي ادارو بڻائڻ چاهيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته اهي دشمن کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل آهن، دوستن کي ته ڏکارو نه ڪيو، ڏسنداسين ته قومي اسيمبلي مان پاس ٿي اهو بل هتي اچي ٿو ته هي ملڪي مفاد ۾ حمايت ڪن ٿا يا نه؟

وفاقي وزير جي بيان دوران اپوزيشن ايوان مان احتجاجي طور واڪ آئوٽ ڪيو.

The post حڪومت نئين بل ذريعي سي پيڪ چيئرمين کي ڇوٽ ڏيڻ چاهي ٿي: رضا رباني appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages