”عوام ٿورو صبر ڪري پاڪستان دنيا جو طاقتور ملڪ بڻجندو“ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 24, 2020

”عوام ٿورو صبر ڪري پاڪستان دنيا جو طاقتور ملڪ بڻجندو“


عيسيٰ خيل(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان چيو آهي ته ماڻهن کي ٿورو ڪرڻو آهي پاڪستان دنيا جو طاقتور ملڪ بڻجندو.

عيسيٰ خيل ۾ تقريب کي خطاب دوران وزير اعظم چيو ته ماڻهن سوال پڇن ٿا ته عثمان بوزدار کي ڇو وڏو وزير بڻايو، جيڪي ماڻهو لنڊن ۾ علاج ڪرائن انهن کي ٻهراڙي وارن ماڻهن جو احساس ڪيئن ٿيندو، عثمان بوزدار جو تعلق پٺتي تي پيل علائقي سان آهي، هن کي عوامي مسئلن جو ادراڪ آهي، 2-3 شهرن تي پيسا لڳائڻ سان ڪا قوم ترقي ناهي ڪندي.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته مديني جي رياست جو اصول هو ته قانون جي سامهون سڀ برابر آهن، طاقتور ۽ ڪمزور ٻنهي تي هڪ جهڙو قانون لاڳو ٿئي، قانون جي بالادستي جو مطلب ڪمزور کي مٿي کڻڻ آهي، مون هتي جون حالتون ڏٺيون آهن،  جتي ظلم هجي اُتي الله جي برڪت ناهي ايندي، ڪفر جو نظام هلي سگهي ٿو پر ظلم ۽ ناانصافي جو نه، آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪيان ٿو ته ٿاڻن ۾ غريبن تي ظلم نه ٿيڻ گهرجي. ڪمزور ويچارا جيلن ۾ آهن ۽ وڏا چور لنڊن ۾ آهن.

وزير اعظم جو چوڻ هو ته جڏهن ماڻهو چوندا هئا ته رانديگر ڪيئن سياست ڪندو ته ميانوالي جا ماڻهو مون سان گڏ بيٺا هئا، تحريڪ انصاف جي پهرين سيٽ هتان ملي، توهان کي ٿورو ڪرڻو آهي پاڪستان دنيا جو طاقتور ملڪ بڻجي ويندو.

The post ”عوام ٿورو صبر ڪري پاڪستان دنيا جو طاقتور ملڪ بڻجندو“ appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages