حڪومت ڪاڏي نه ويندي، سڀني کي پنهنجي پنهنجي پگهار تي ڪم ڪرڻو آهي: فواد چوڌري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Saturday, October 24, 2020

حڪومت ڪاڏي نه ويندي، سڀني کي پنهنجي پنهنجي پگهار تي ڪم ڪرڻو آهي: فواد چوڌري


لاهور(ويب ڊيسڪ) سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت ڪاڏي نه پئي وڃي، سڀني کي پنهنجي پنهنجي پگهار تي ڪم ڪرڻو آهي.

فواد چوڌري لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پي ڊي ايم جي تحريڪ سان معشت کي نقصان رسي رهيو آهي، ڪڏهن آءِ جي جي اغوا جو ڊرامو ۽ موڪلن جو بهانو بڻايو ويندو آهي، ڪڏهن ڪجهه ٻيو ڪيو ويندو آهي، مخالف ڌر جي تحريڪن جو مقصد پنهنجي ڪيسن کي ٺڪاڻي هڻڻ ۽ اين آر او حاصل ڪرڻ آهي.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته نواز شريف ۽ ٻيا پيسا کڻي ويا جيڪي عوام جا آهن، اسان کي کين جيلن ۾ رکڻ جو شوق ناهي، پلي بارگين ڪري پيسا ڏيڻ ۽ جتي مرضي رهن.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته عدالتي فيصلن کان پوءِ نواز شريف جو هاڻ برطانيا ۾ رهڻ جو ڪو به جواز نٿو بڻجي، هو 15 جنوري کان پهرين واپس ايندو، ماڻهن کي بيوقوف نه سمجهو، نواز شريف جو برطانيا ۾ ڪو به ليگل اسٽيٽس ناهي، حڪومت ڪاڏي نه پئي وڃي، سڀني کي پنهنجي پنهنجي پگهار تي ڪم ڪرڻو آهي، نه ڪير اچي پيو نه ڪير وڃي پيو.

The post حڪومت ڪاڏي نه ويندي، سڀني کي پنهنجي پنهنجي پگهار تي ڪم ڪرڻو آهي: فواد چوڌري appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages