

گلگت (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ چونڊن سبب حڪومت علائقي ۾ 14 کان 16 نومبر تائين عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
گلگت بلتستان جي اليڪشن ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 15 نومبر 2020 آچر ڏينهن گلگت بلتستان ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، پولنگ واري ڏينهن گلگت جو عوام پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ اميدوارن لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته چونڊ سلسلي ۾ شهري ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ پنهنجي علائقن ۾ پهچندا، جڏهن ته سرڪاري ملازمن لاءِ ممڪن ناهي ته اهي چونڊ واري ڏينهن ووٽ ڪاسٽ ڪري پنهنجي ڊيوٽي تي پهچي سگهن، تنهن ڪري انهن جي سهولت لاءِ سڄي گلگت بلتستان ۾ ڇنڇر 14 نومبر کان سومر 16 نومبر تائين عام موڪل هوندي.
The post 14 کان 16 نومبر تائين موڪل جو اعلان appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment