ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ باوجود ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 5, 2020

ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ باوجود ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو


 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري وزارت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ باوجود سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا کليل رکڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.

تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ بين الصوبائي تعليمي وزيرن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت واري وزارت جي اختيارين ڪورونا جي مجموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

ذريعن موجب تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن اتفاق ڪيو ته موجوده صورتحال ۾ تعليمي ادارن کي بند ڪرڻ جي ضرورت ناهي، تنهن ڪري سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا کليل رهندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ اٺين، نائين ۽ ڏهين جي بورڊ امتحانن تي ڪو فيصلو نه ٿي سگهيو.

واضح رهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کانپوءِ اين سي او سي سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو آهي، جنهن تحت ڪاروباري مرڪز، شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته شهرين لاءِ ماسڪ جي پابندي لازمي قرار ڏني وئي آهي.

The post ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ باوجود ملڪ ۾ تعليمي ادارا بند نه ڪرڻ جو فيصلو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages