

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي ڪيس بابت تجويزن لاءِ ڀارتي هاءِ ڪميسن جي وڪيل کي ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بئنچ ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل فراهم ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب علالت سبب ويڊيو لنڪ ذريعي ٻڌڻي ۾ شريڪ ٿيو.
اٽارني جنرل خالد جاويد خان دليل ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل لاءِ مڪمل ڪوشش ڪري رهيو آهيا، ڀارت جيڪڏهن ٽيون ڀيرو قونصلر پهچ چاهي ٿو ته پاڪستان اها به ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڀارتي سفارتخاني جا خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ڀارت ڄاڻي واڻي عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن ڀارت کي ڪي خدشا آهن ته هن عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي موجب پاڪستان جي قانونن تي عمل ٿيڻو آهي، هيءَ عدالت پاڻ به چاهي ٿي ته ڀارت ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪري.
ڀارتي هاءِ ڪميشن جي وڪيل شاهنواز نون چيو ته مون کي ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪيو ويو هو، ڀارتي سفارتخاني مون کي دستاويز حاصل ڪرڻ جو به چيو.
چيف جسٽس ڀارتي هاءِ ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توهان کي هدايتون وٺڻ لاءِ وقت گهرجي، جنهن تي وڪيل چيو مون کي هڪ هفتي جو وقت ڏئي ڇڏيو.
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته اسان توهان کي ٻن هفتن جو وقت ٿا ڏيون، ان دوران توهان ڀارت کي قونصلر پهچ جي حواليس ان به آگاهه ڪيو، پوءِ ڪيس جي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
The post ڪلڀوشن معاملو: ڀارتي هاءِ ڪميشن کي تجويزن لاءِ ٻن هفتن جي مهلت appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment