

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان آمريڪي چونڊن ۾ ڪاميابي تي نئين صدر جو بائيڊن ۽ نائب صدر ڪماله هيرس کي مبارڪون ڏنيون آهن.
ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان لکيو ته مان نئين چونڊيل آمريڪي صدر بائيڊن طرفان جمهوريت تي عالمي ڪانفرنس جي انتظار ۾ آهيان ۽ چاهيان ٿو ته ان سان گڏجي غير قانوني ٽيڪس ٺڪاڻن جو خاتمو ڪيان، جتي ڪرپٽ ليڊرن طرفان قومن جو ناڻو منتقل ڪيو ويندو آهي.
عمران خان وڌيڪ لکيو ته مان نئين چونڊيل آمريڪي صدر سان افغان امن ۽ خطي جي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم جاري رکندس.
The post وزيراعظم عمران خان جون جو بائيڊن کي صدر چونڊجڻ تي مبارڪون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment