ڀارتي اداڪار فراز خان لاڏاڻو ڪري ويو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Wednesday, November 4, 2020

ڀارتي اداڪار فراز خان لاڏاڻو ڪري ويو


 

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا فراز خان 46 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

فراز خان گذريل ڪيتري عرصي کان سيني جي انفيڪشن سبب بينگلور جي مقامي اسپتال جي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.

ڪجهه هفتا اڳ فراز خان جي ڀاءُ فرمان خان پنهنجي ڀاءُ جي صحت جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ جاري ڪندي مالي مدد جي پڻ درخواست ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اداڪار سلمان خان علاج جي سمورن خرچن جي ذميواري کڻندي بل ادا ڪري ڇڏيا هئا.

ناليواري اداڪارا ۽ فلمساز پوجا ڀٽ ٽوئيٽر تي فراز خان جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته مان ڏُکي دل سان اها خبر ٻڌائي رهي آهيان ته فراز خان اسان کي ڇڏي ويو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هن وقت هو سٺي هنڌ هوندو، ان جي وڃڻ سان پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ته ناممڪن آهي پر توهان سڀني کي گذارش آهي ته پنهنجي دعائن ۾ ان کي ۽ ان جي گهر ڀاتين کي ياد رکو.

واضح رهي ته فراز خان ”فريب، دلهن بنون مين تيري، مهندي، چاند بجهه گيا“ جهڙين فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڪئي.

The post ڀارتي اداڪار فراز خان لاڏاڻو ڪري ويو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages