مريم نواز فوج سان ڳالهين لاءِ حڪومت کي گهر موڪلڻ جو شرط رکي ڇڏيو - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 12, 2020

مريم نواز فوج سان ڳالهين لاءِ حڪومت کي گهر موڪلڻ جو شرط رکي ڇڏيو


 

گلگت (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته فوج سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون ۽ اسان ضرور ڳالهيون ڪنداسين پر اڳتي وڌڻ لاءِ حڪومت کي وڃڻو پوندو.

برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي مريم نواز چيو ته اسٽيبلشمينٽ منهنجي ڀرپاسي ۾ موجود ڪيترن ئي ماڻهن سان رابطا ڪيا آهن پر مون سان سڌي ريت ڪنهن به رابطو ناهي ڪيو.

هن چيو ته فوج منهنجو ادارو آهي، اسان ضرور ڳالهيون ڪنداسين پر آئين جي دائري ۾ رهندي ۽ اهي ڳالهيون هاڻ عوام سامهون ٿينديون لڪي نه، پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان ڳالهين جي شروعات تي غور ڪري سگهجي ٿو پر ان لاءِ شرط آهي ته جعلي حڪومت کي گهر موڪليو وڃي.

The post مريم نواز فوج سان ڳالهين لاءِ حڪومت کي گهر موڪلڻ جو شرط رکي ڇڏيو appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages