

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) من موهڻي اداڪارا مايا علي پنهنجي مرحوم پيءُ جي ورسيءَ جي موقعي تي جذباتي پيغام جاري ڪيو آهي.
مايا علي انسٽاگرام تي پنهنجي پيءُ جي يادگار تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته ”بابا اڄ کان 4 سال اڳ اسان کي هن دنيا ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو“.
هن جذباتي طور لکيو ته ”ماڻهو چوندا آهن وقت کان سٺو مريم ڪو ناهي پر حقيقت اها آهي ته سدائين وقت مرهم ناهي بڻجندو، بابا مان هر وقت توهان کي ياد ڪندي آهيان، توهان سدائين منهنجي دعائن ۽ خيالن ۾ شامل هوندا آهيو“.
اداڪارا مداحن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ”پنهنجي والدين سان وڌ کان وڌ وقت گذاريو، ڇو ته اهي هڪ ڀيرو هليا ويا ته ٻيهر واپس ناهن ايندا“.
آخر ۾ مايا علي مداحن کي درخواست ڪئي ته اهي سندس مرحوم پيءُ لاءِ فاتحه پڙهن.
The post مايا علي جو پيءُ جي ورسيءَ تي جذباتي پيغام appeared first on Awami Awaz.

No comments:
Post a Comment