

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فلم ۾ جنون بينڊ جو مشهور گيت ”سيوني“ ڪاپي ڪرڻ تي علي عظمت ۽ سلمان احمد جو بيان سامهون اچي ويو.
90 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي مقبول ترين بينڊ ”جنون“ ڳايل مشهور گيت ”سيوني“ اڄ به هر ڪنهن جو پسنديده گيت سمجهيو ويندو آهي.
گيت جي مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته نه رڳو ان کي ٻاهرين ملڪ گورن ڳايو پر ڀارت جي به ڪيترن ئي گلوڪارن ان کي پنهنجي انداز ۾ ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي.
هاڻ ان گيت کي هڪ ڀيرو ٻيهر ارجيت سنگهه جي آواز ۾ ڀارتي فلم ”سيوني“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي پر هن جهڙي ريت ماضي جي ان مشهور گيت جو حشر ڪيو آهي، ان تي نه رڳو پاڪستاني پر ڀارتي به احتجاج ڪري رهيا آهن.
مداحن طرفان ريميڪ کي پسند نه ڪرڻ کانپوءِ پاڪستاني گيت سيوني جي گلوڪار علي عظمت به انسٽاگرام تي ان گيت جي اصل ويڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته سيوني گيت جي اها ويڊيو ان جي مداحن لاءِ آهي.
علي عظمت گيت کي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ به پسند ڪرڻ تي مداحن جا ٿورا پڻ مڃيا.
هوڏانهن سلمان احمد به ارجيت سنگهه جي آواز ۾ ڳايل گيت تي ردعمل ڏنو پر پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن تنقيد ڪرڻ بدران اصل سيوني گيت جي لنڪ شيئر ڪئي ۽ لکيو ته جڏهن مان ڪاليج ۾ هوندو هيس ته ڪيمپس ۾ هر ڪنهن جي زبان تي بالي ووڊ يا اولهه موسيقي هوندي هئي پر هاڻ تبديلي اچي وئي آهي، هاڻ بالي ووڊ ۾ ”جنون“ جا گيت ڳايا پيا وڃن.
واضح رهي ته صوفي راڪ بينڊ جنون طرفان 1997 ۾ رليز ڪيل گيت سيوني علي عظمت ڳايو هو، جڏهن ته ان جي شاعري بينڊ جي مک گٽارسٽ سلمان احمد ۽ صابر ظفر لکي هئي.
The post ”سيوني“ گيت جي ڀارتي ريميڪ تي علي عظمت ۽ سلمان احمد خاموشي ٽوڙي ڇڏي appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment