پاڪ فوج ڪشمير ڪاز سان گڏ بيٺي آهي: آرمي چيف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Thursday, November 12, 2020

پاڪ فوج ڪشمير ڪاز سان گڏ بيٺي آهي: آرمي چيف


 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته پاڪ فوج ڪشمير ڪاز سان گڏ بيٺي آهي، ڪشميرين جي حمايت جاري رکنداسين.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملاقات ۾ ايل او سي ۽ والاريل ڪشمير جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪ فوج ڪشمير ڪاز سان گڏ بيٺي آهي، ڪشميرين جي حمايت جاري رکنداسين.

The post پاڪ فوج ڪشمير ڪاز سان گڏ بيٺي آهي: آرمي چيف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages