

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي ٻي لهر کي ڏسندي وفاقي حڪومت هالن جي اندر (اِن ڊور) شادي تقريبن تي 20 نومبر کان 31 جنوري 2021 تائين پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وڌندڙ خطرن کي ڏسندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) اهم فيصلا ڪيا آهن.
اين سي او سي موجب آئوٽ ڊور شادي تقريبن ۾ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي شرڪت منع آهي، جڏهن ته تقريبن ۾ ضابطن تي سختيءَ سان عمل لازمي هوندو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر چيو آهي ته ان ڊور شادي تقريبن تي 20 نومبر کان 31 جنوري 2021 تائين پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ڪورونا جي روڪٿام جي اداري سرڪاري ۽ نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملي کي گهران ڪم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سرڪاري توڙي نجي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو عملو ڪم ڪري، باقي گهران ويهي ڪم ڪن.
اين سي او سي موجب ڪورونا وائرس جي هاٽ اسپاٽ علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، حڪمت عملي تحت گلگت بلتستان ماڊل کي اختيار ڪندي ماسڪ جو استعمال نه ڪرڻ تي 100 رپيا ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر چيو آهي ته شادي تقريبن کانسواءِ سمورن فيصلن تي عمل 7 نومبر کان شروع ٿيندو ۽ 31 جنوري 2021 تائين جاري رهندو.
The post ڪورونا جي ٻي لهر، وفاقي حڪومت سخت پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment