

بونير (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو دوست ٽرمپ هليو ويو، هاڻ عمران خان جو وارو آهي.
بونير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته آمريڪا، انگريزن، جاگيردارن ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو نظام برداشت ناهي، پاڪستان ۾ الله جو نظام هلندو.
هن چيو ته حڪومت هڪ واعدو به پورو نه ڪيو، ڪوڙ جو ورلڊ ڪپ ٿئي ته وزيراعظم کٽي ويندو، پي ٽي آءِ به گذريل حڪومتن جو تسلسل آهي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف عوام جو رت چوسيو، ڪشمير جي شهيدن سان غداري ۽ اسان جي ڪلچر کي تباهه ڪيو، توهان ڪيستائين ماڻهن کي دوکو ڏيندئو.
سراج الحق چيو ته توهان گورنر هائوس کي يونيورسٽي ۽ 50 لک گهر ٺاهڻ جو واعدو ڪيو هو، هي حڪمران پ پ ۽ ن ليگ جو تحفو آهن، ٻنهي جماعتن جا ماڻهو ئي پي ٽي آءِ ۾ آهن.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته منهنجو مسئلو نيب جو ناهي، سڄي قوم کي جدوجهد لاءِ تيار رهڻ گهرجي، موقعو مليو ته نيب جي ماڻهن کي به جيل ۾ وجهندس.
هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو دوست ٽرمپ هليو ويو، هاڻ توهان جو وارو آهي.
The post ٽرمپ ويو، هاڻ عمران خان جو وارو آهي: سراج الحق appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment