ڌانڌلي جا انبار لڳي ويا، ووٽ وجهي ان تي پهرو به ڏيڻو آهي: مريم نواز - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, November 8, 2020

ڌانڌلي جا انبار لڳي ويا، ووٽ وجهي ان تي پهرو به ڏيڻو آهي: مريم نواز


 

چلاس (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان جي جعلي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن، گلگت بلتستان جو عوام چونڊن ۾ کين ڌڪا ڏئي گهر موڪليندو.

چلاس ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اڃا چونڊون آيون ناهن ۽ ڌانڌلي جا انبار لڳي ويا، شينهن اٿي بيٺو ته گدڙ ڀڄي ويندا، چونڊ واري ڏينهن ووٽ وجهڻ ۽ ووٽ تي پهرو به ڏيڻو آهي.

هن چيو ته عمران خان جي جعلي حڪومت جا ڏينهن پورا ٿي ويا آهن، هيءَ حڪومت وڃي رهي آهي، توهان کي ڌانڌلي جا منصوبا ناڪام بڻائڻا آهن ۽ شينهن تي ٺپو هڻڻو آهي.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان جي هڪ وزير ن ليگ جي حڪومت ۾ فائدو کنيو ۽ هاڻ دٻاءَ ۾ اچي لوٽو بڻجي ويو، نئين روايت قائم ڪيو ۽ لوٽن کي گهر ڇڏي اچو، جيڪو دٻاءَ ۾ نه بيهي سگهيو اهو توهان سان ڇا بيهندو؟

The post ڌانڌلي جا انبار لڳي ويا، ووٽ وجهي ان تي پهرو به ڏيڻو آهي: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages