

گلگت بلتستان (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته آمريڪا ۾ بد زبانن کي کڻي ٻاهر ڦٽو ويو ۽ پاڪستان ۾ بد زبانن کي کڻي ٻاهر اڇلائينداسين.
گلگت بلتستان ۾ چونڊ جلسن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته هتي ن ليگ حڪومت ٺاهيندي، ڇوٿون ڀيرو نه رڳو گلگت بلتستان پر سڄي ملڪ ۾ ن ليگ ۽ نواز شريف جو سج اڀري رهيو آهي.
هن چيو چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي وئي ته عوام توهان جو گهيرو ڪندو، ڌانڌلي جو فيصلو نه ن ليگ مڃيندي ۽ گلگت بلتستان جو عوام، سليڪٽڊ رجيڪٽڊ ٿيو، هاڻ وڃي رهيو آهي ۽ عوام جا اليڪٽڊ اچي رهيا آهن، پ پ سان اسان جو مقابلو آهي پر بلاول تي ذاتي حملا برداشت ناهن.
سندس چوڻ هو ته ڪڏهن هن جعلي حڪومت کي نه حڪومت سمجهيو آهي ۽ نه ڪا درخواست ڪئي آهي، انهن جي نصيب ۾ عوام جي خدمت ناهي لکيل، گلگت ۾ جيڪا به ترقي آهي اها نواز شريف ۽ ن ليگ جي ڪيل آهي.
مريم نواز چيو ته ملڪ جي سڀني مسئلن جو حل نواز شريف ۽ ن ليگ آهي، پاڪستاني عوام کي موٽر ويز ٺاهي ڏيڻ ۽ پيٽرول اگهه گهٽ ڪرڻ سميت سمورا رليف نواز شريف ڏيندو آهي پر ڪوڙا ڪيس ۽ ناحق جيل به اهو ئي ڀوڳيندو آهي.
ن ليگ نائب صدر موجب حڪومت جو ڪم انتقام، بد زباني ۽ نواز شريف سان حسد آهي، عمران خان جهڙي شخص جو نالو کڻڻ تي به تڪليف ٿيندي آهي، ان جو نالو کڻڻ به نٿي چاهيان، ميان صاحب اڳ ئي چئي ڇڏيو توهان ننڍا آهيو پاسي تي ٿي وڃو، هيءَ وڏن جي ويڙهه آهي، منهنجي مجبوري آهي جو عوام جي ڏوهي عمران خان جو نالو کڻڻو پئجي رهيو آهي پر جڏهن علاج مقصود هجي ته بيماري جو نالو کڻڻو پوندو آهي.
The post بلاول تي ذاتي حملا برداشت نه ڪنداسين: مريم نواز appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment