

لاهور (ويب ڊيسڪ) اداڪارا مديحا امام چيو آهي ته پاڪستاني معاشري ۾ عورتن تي شادي لاءِ دٻاءَ رهندو آهي.
ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مديحه امام چيو ته پاڪستاني معاشري ۾ ڇوڪريءَ جي عمر 29 سال تائين ٿي ويندي آهي ته شادي نه ڪرڻ تي ماڻهو تعجب جو اظهار ڪندا آهن ۽ ان کان اڳ هر هر ان کان شادي بابت پڇو ويندو آهي.
اداڪارا چيو ته ڇوڪرين کان شاديءَ بابت هر هر سوال ڪرڻ جو واسطو امير يا غريب طبقي سان نه آهي ۽ نه ئي ان جو واسطو تعليم ۽ جهالت سان آهي ان سوچ ۽ رويي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس ناهيون ڪندا، ڇو جو اسان جي وڏن کي لڳندو آهي ته اهو ئي طريقو درست آهي. مديحه چيو ته اهڙين روايتن کي ڊرامن ۽ فلمن ذريعي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي معاشري ۾ ڪجهه مرد پاڻ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ڇوڪريءَ سان شادي ناهن ڪندا، هو سمجهندا آهن ته اها ڇوڪري هنن لاءِ مناسب ثابت نه ٿيندي.
The post ڪجهه مرد پاڻ کان وڌيڪ ڪمائيندڙ ڇوڪريءَ سان شادي ناهن ڪندا: مديحه امام appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment