شاهه رخ خان سان پهريون ڀيرو مليس ته…؟ ماهرا خان جو وڏو انڪشاف - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, November 6, 2020

شاهه رخ خان سان پهريون ڀيرو مليس ته…؟ ماهرا خان جو وڏو انڪشاف


 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ڪامياب ترين اداڪارا ماهرا خان انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن مان پهريون ڀيرو شاهه رخ خان سان مليس ته پاڻ کي شرمنده محسوس ڪيو.

هڪ انٽرويو دوران ماهرا خان ٻڌايو ته فلم ”رئيس“ جي شوٽنگ لاءِ جڏهن ڀارت پهتيس ته مون کي چيو ويو سڀاڻي توهان جو فوٽو شوٽ ٿيندو، جنهن کانپوءِ فلم جي باقاعدي طور شوٽنگ شروع ڪئي ويندي.

هن چيو ته ايندڙ ڏينهن فوٽو شوٽ تمام زبردست ٿيو، پوءِ اوچتو خبر پئي ته شاهه رخ خان به اتي موجود آهي، مان پهريون ڀيرو کيس ڏسي نروس ٿي وئي ويس پر پوءِ پاڻ کي شاهه رخ خان سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ڪيو.

سندس موجب مان ڪڏهن به نه سوچيو هو ته جڏهن پنهنجي پسنديده سپر اسٽار سان ملنديس ته ڇا ڳالهائينديس، تنهن ڪري نروس هيس ۽ سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هن سان ڪيئن ڳالهايان، نيٺ دل ٻڌي شاهه رخ سان وٽ ويس ۽ کيس ”هيلو“ چيو، جواب ۾ هن ”اسلام عليڪم“ چيو.

ماهرا خان جو چوڻ هو ته شاهه رخ خان سان ڳالهائڻ دوران مون کي ڏاڍي لَڄ ٿي رهي هئي ۽ شرمندگي جي آواز ۾ ئي مان کيس جواب ڏنو ”وعليڪم الاسلام“.

The post شاهه رخ خان سان پهريون ڀيرو مليس ته…؟ ماهرا خان جو وڏو انڪشاف appeared first on Awami Awaz.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages