

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي معاملن بابت وفاقي وزير علي امين گنڊاپور اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي حامين کي به غدار قرار ڏئي ڇڏيو.
گلگت بلتستان جي ضلعي اسڪردو ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته توهان جي ٻارن جو مال لٽيندڙ توهان جي وچ اچن ڪيئن ٿا؟ جيتسائين انهن کي ڪِنا بيضا نه هڻندئو اهي توهان لاءِ ڪجهه ڪندا.
هن چيو ته آصف زرداري قوم جو پئسو لُٽي کرب پتي بڻيو، نواز شريف به پئسو لُٽيو ۽ فوج خلاف ڳالهائي رهيو آهي، جيڪا انهن جا جهنڊا کڻي گهمي رهيا آهن اهي به غدار آهن.
The post آصف زرداري ۽ نواز شريف جا حامي به غدار آهن: علي امين گنڊاپور appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment