

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر تيزيءَ سان جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ متاثرن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف به وبا کان محفوظ ناهن رهي سگهيا.
نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل جي ڪورونا ٽيسٽ جو نتيجو به هاڪاري آيو ۽ هو 9 نومبر کان قرنطينه ۾ آهي ۽ علاج هيٺ آهي.
اين ڊي ايم اي موجب اٿارٽي چيئرمين گهران پنهنجون ذميواريون جاري رکندو.
هوڏانهن پ پ سان واسطو رکندڙ راجا پرويز اشرف ۾ به ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي.
اڳوڻي وزيراعظم جي پٽ ٻڌايو ته راجا پرويز اشرف سموريون مصروفيتون ختم ڪري ڇڏيون آهن.
هن پنهنجي پيءُ جي صحتيابي لاءِ پارٽي ڪارڪنن ۽ همدردن کي دعا جي اپيل ڪئي آهي.
The post پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين به ڪورونا وائرس جو شڪار appeared first on Awami Awaz.
No comments:
Post a Comment