پشاور ۾ اين اي 32 تان پي ٽي آءِ جا 9 اميدوار آمهون سامهون - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 16, 2024

پشاور ۾ اين اي 32 تان پي ٽي آءِ جا 9 اميدوار آمهون سامهون


پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 32 تان تحريڪ انصاف جا 9 اميدوار آمهون سامهون اچي ويا.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري فارم 33 ۾ هڪ ئي تڪ مان پي ٽي آءِ اڳواڻ آصف خان، شير افضل مروت ۽ عرفان سليم جو نالو اميدوارن جي فهرست ۾ شامل آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي قاسم علي شاهه، خالد مسعود، ظهور قادر به اين اي 32 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.
اهڙي ريت پي ٽي آءِ اڳواڻ الياس محمد، صمد مرسلين ۽ رضوان بنگش به اين اي 32 تان اميدوار آهي، اين اي 32 تان چونڊ وڙهندڙ جاويد نسيم به پي ٽي آءِ جو حصو رهي چڪو آهي.
ان حوالي سان پي ٽي آءِ خيبر پختونخواهه جي ترجمان ظاهر شاهه چيو ته پارٽي آصف خان کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪيو آهي ۽ ٻيا اميدوار پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويندا.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages