6 يوٽيوب چينل رياست مخالف قرار، بند ڪرڻ جي سفارش - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, January 26, 2024

6 يوٽيوب چينل رياست مخالف قرار، بند ڪرڻ جي سفارش


لاهور (عوامي آواز نيوز) حڪومت جي جوڙيل جاچ ٽيم 279 ٽوئيٽر اڪائونٽ 161 فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ تلاش ڪري ورتا آهن، جن ذريعي ججن ۽ رياست خلاف پروپيگنڊا ڪئي وڃي ٿي. نامياري صحافي زاهد گشڪوري جو چوڻ آهي ته 31 يوٽيوب چينلن جي به نشاندهي ڪئي وئي آهي جن جي اٽڪل 200 وي لاگ جي فارينزڪ ڪرائي پئي وڃي جڏهن ته 6 يوٽيوب چينل رياست مخالف قرار ڏئي بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته 117 اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي 5 مختلف ملڪن مان ويهي هلايا پيا وڃن، 161 فيس بڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ به جاچ هيٺ آهن.
نامياري صحافي منصور علي خان جو چوڻ آهي ته اميد اها ڪئي پئي وڃي ته غير جانبدار صحافي ان جاچ جي لپيٽ ۾ نه اچن، باقي رياست مخالفن خلاف ضرور ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 26 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

 

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages