عام چونڊون: ملڪ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون قائم - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Sunday, January 28, 2024

عام چونڊون: ملڪ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنون قائم


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ پولنگ اسڪيم جي سمري جاري ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب عام چونڊن لاءِ ملڪ ۾ ڪُل 90 هزار 675 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويون آهن، جن ۾ مردن جون 25 هزار 320 ۽ عورتون جون 23 هزار 950 پولنگ اسٽيشنز هونديون.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري سمري ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 41 هزار 405 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون.
اليڪشن ڪميشن موجب پنجاب ۾ 50 هزار 944 پولنگ اسٽيشنز هونديون، جن ۾ مردن جون 14 هزار 556 ۽ عورتن جون 14 هزار 36 پولنگ اسٽيشنز هونديون، پنجاب ۾ 22 هزار 352 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون.
اليڪشن ڪميشن جي سمري ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۾ 19 هزار 6 پولنگ اسٽيشنز هونديون، جن ۾ مردن جون 4 هزار 439، عورتن جون 4 هزار 308 پولنگ اسٽيشنز هونديون، صوبي ۾ 10 هزار 259 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون.
اليڪشن ڪميشن موجب خيبر پختونخواهه ۾ 15 هزار 697 پولنگ اسٽيشنز هونديون، جن ۾ مردن جون 4 هزار 814، عورتون جون 4 هزار 289 پولنگ اسٽيشنز هونديون، صوبي ۾ 6 هزار 594 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون.
ان کانسواءِ بلوچستان ۾ 5 هزار 28 پولنگ اسٽيشنز هونديون، جن ۾ مردن جون 1511 ۽ عورتن جون 1317 پولنگ اسٽيشنز هونديون، صوبي ۾ 2 هزار 200 گڏيل پولنگ اسٽيشنز هونديون.
اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ ٻه لک 76 هزار 402 پولنگ بوٿ هوندا، جن ۾ مردن جا هڪ لک 47 هزار 560 ۽ عورتن لاءِ هڪ لک 27 هزار 842 پولنگ بوٿ هوندا.
پنجاب ۾ هڪ لک 49 هزار 434، سنڌ ۾ 65 هزار 5 پولنگ بوٿ هوندا، خيبر پختونخواهه ۾ 47 هزار 81، بلوچستان ۾ 14 هزار 882 پولنگ بوٿ هوندا.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages