پشاور ۽ لاهور جي عدالتن مان به استعيفائون اچڻ جا امڪان - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Friday, January 12, 2024

پشاور ۽ لاهور جي عدالتن مان به استعيفائون اچڻ جا امڪان


لاهور (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪورٽ کانپوءِ لاهور ۽ پشاور جي عدالتن مان به استعيفائون اچڻ جا افواهه زور پڪڙي ويا آهن.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته رياستي ادارن ۾ عمران پراجيڪٽ جي ڪردارن لاءِ سمورا دروازا بند ڪيا ويا آهن ۽  اهڙو پيغام پراجيڪٽ سان لاڳاپيل ڪردارن کي پهچايو ويو آهي.

ان ڪري امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هاڻي پشاور ۽ لاهور  جي عدالتن مان به استعيفائون اچڻ واريون آهن، خاص طور عمراندار طور مشهور جج گهر وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهن.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز جمعو 12 جنوري 2024ع تي شايع ٿي

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages