بيٽ کسي پچ ڊاٿي وئي پر اسان ميدان نه ڇڏينداسين: بابر اعواڻ - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Monday, January 15, 2024

بيٽ کسي پچ ڊاٿي وئي پر اسان ميدان نه ڇڏينداسين: بابر اعواڻ


اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته بيٽ کسي وئي ۽ پچ ڊاٿي وئي پر اسان ميدان نه ڇڏينداسين.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن به صورت ۾ چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪندي، اسان کان بيٽ کسي وئي آهي ۽ پچ ڊاٿي وئي آهي، نواز شريف اڳ به ٻن چيفس سان وڙهي وڃي چڪو آهي، کيس آڻڻ سان ڪو استحڪام نه ايندو.
هن چيو اهڙيون چونڊون ٿيون ته حڪومت ٻه مهينا به نه هلي سگهندي، صورتحال ڪهڙي به هجي چونڊن ۾ بيٺا آهيون، اهي سموريون ڪوششون ان ڪري ٿي رهيون آهن ته اسان ميدان ڇڏي ڏيون پر اسان نه ڇڏينداسين، چاهيون ٿا ته وڪيٽ به هجي، پچ به ۽ مخالف به.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages