اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل تي انٽرا ڪورٽ اپيلن بابت ٻڌڻي ڪندڙ 6 رڪني بئنچ تٽي وئي.
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپيلن تي جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 6رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي.
جسٽس امين الدين خان، جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت بئنچ جو حصو هئا.
ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي جسٽس سردار طارق مسعود چيو ته هو بئنچ تي اعتراضن کي پهريان ٻڌندا.
جواد ايس خواجا جي وڪيل بئنچ تي اعتراض واريندي چيو ته بينچ جي ٻيهر جوڙجڪ لاءِ معاملو ججز ڪميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي.
لاهور بار جي وڪيل حامد خان ڪيس ۾ دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي جسٽس سردار طارق مسعود رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسان کي ڪيس ٻڌڻو ئي ناهي ته دليل نه ڏيو، اسان تي اعتراض اٿاريا پيا وڃن ته مان ڪيس کان ڌار ٿي وڃان.
جسٽس سردار طارق مسعود پاڻ کي بئنچ کان ڌار ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت انٽرا ڪورٽ اپلين تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ٽٽي وئي.
عدالت بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي کي اماڻيندي چيو ته 3 رڪني ججز ڪميٽي انٽرا ڪورٽ اپيلن تي ٻڌڻي لاءِ نئون لارجر بئنچ جوڙيندي.
عدالت چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي لارجر بينچ جوڙي، فوجي عدالتن جي عام شهرين جو ٽرائل جاري رکڻ جو منع نامو برقرار رهندو……….
Post Top Ad
Monday, January 29, 2024
فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جي ٽرائل بابت ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ ٽٽي وئي
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment