عمران خان اليڪشن ڪميشن اختيارين کي ڌمڪي ناهي ڏني: فواد چوڌري - Daily Sindh News

Fast Sindhi News Service

Post Top Ad

Tuesday, January 9, 2024

عمران خان اليڪشن ڪميشن اختيارين کي ڌمڪي ناهي ڏني: فواد چوڌري


اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان اليڪشن ڪميشن اختيارين کي ڪا به ڌمڪي ناهي ڏني.
عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪندي فواد چوڌري گهرواري حبا کي اليڪشن وڙهڻ لاءِ نااهلي قرار ڏيڻ تي چيو ته سندس ۽ حبا ٻنهي جا سمورا بئنڪ اڪائونٽ ڊڪليئرڊ آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري جو چوڻ هو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن اختيارين کي ڪڏهن به ڌمڪي نه ڏني، هن چيو هو ته ان کان وڌيڪ تعصباڻي ۽ بي ايمان اليڪشن ڪميشن ڪڏهن ناهي ڏٺي، عمران خان اليڪشن ڪميشن سنڌ جي ميمبرن کي چيو هو ته اوهان جي خلاف جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس پينڊنگ ۾ پيو آهي.
فواد چوڌريءَ موجب، عمران خان چيو هو ته نوي ڏينهن ۾ چونڊون نه ڪرائڻ تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله نوٽ لکيو هو، عمران خان جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب وقت تي چونڊون نه ڪرائڻ تي آرٽيڪل 6 لڳندو.

No comments:

Post a Comment

Post Bottom Ad

Pages