مالاڪنڊ ( ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ۽ نواز شريف مڪافات عمل هن دنيا ۾ ڏسندا جڏهن ته نواز شريف مڪافات عمل طور پنهنجي ڌيءَ کي انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻجندي ڏٺو.
مالاڪنڊ م جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄڪلهه ڪجهه ماڻهو ليول پليئنگ فيلڊ لاءِ روئي رهيا آهن پر پ پ کي ڪنهن به اليڪشن ۾ ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ملي.
هن چيو ته اسان سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪنداسين، سياسي مخالف چوندا ها ته موسم خراب آهي ۽ دهشتگردي آهي، چونڊون ملتوي ڪيون وڃن، پراڻن سياستدانن کي چوڻ چاهيان ٿو ته اوهان ملڪي معيشت سان هٿ چراند نه ڪيو. .
بلاول جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ نوجوانن کي اميد ڏياري ته هو تبديلي آڻيندا پر پي ٽي آءِ باني جڏهن حڪومت ٺاهي ته يوٽرن ورتا، اڄوڪي فيصلي تي جشن نه ملهائيندس پر پي ٽي آءِ باني کي ته توبهه ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڀٽي جي نياڻي خلاف جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، پي ٽي آءِ باني ۽ نواز شريف مڪافات عمل هن دنيا ۾ ڏسندا، نواز شريف مڪافات عمل طور پنهنجي ڌيءَ سان انتقامي سياست ٿيندي ڏسي چڪو آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته ميان صاحب چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجڻ چاهي ٿو هو ڇا ٿو ڪرڻ چاهي؟ عوام فيصلو ڪري ته سندن وزيراعظم ڪير هوندو، پ پ اِها پارٽي آهي جيڪا شينهن جو رستو روڪي سگهي ٿي ان جو شڪار ڪري سگهي انڪري عوام اٺ فيبروريءَ تي سوچي سمجهي ووٽ ڪاسٽ ڪري، اوهان کي اسان جي صورت وڻي يا نه وڻي، ميدان ۾ اسان ۽ هو بيٺا آهن.
سندس چوڻ هو ته شهيدن جي رت جو سودو ڪرڻ وارو پي ٽي آءِ باني ڪير ٿيندو آهي؟ سندس فيصلن جي ڪري دهشتگرد ڪر کڻي رهيا آهن، ڪڏهن به برداشت نه ڪندس ته دهشتگرد ملڪ تي مڙهيا وڃن، انهن جون منڍيون لاهي ڇڏيندس.
بلاول چيو ته اختلاف راءِ کي سياسي دشمني ۾ ڇو تبديل ڪجي؟ آصف زرداري جو ڳلو ۽ زبان ڪپي وئي پر هن ” پاڪستان کپي“ جو نعرو هنيو.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت ۾ اچي پهرين ڏينهن سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪندس، اشرافيا کي تڪليف ۽ عوام کي رليف ڏيندس.
Post Top Ad
Wednesday, January 31, 2024
عمران خان خلاف آيل عدالتي فيصلي تي جشن نه ملهائيندس: بلاول ڀٽو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment